تازه ترين

ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري

- Advertisement -
ڪوٽڙي بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته گڊو ۽ سکر بئراجن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. برساتن کانپوءِ سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئرانج  وٽ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، جڏھن ته گڊو ۽ سکر بئراجن وٽ پاڻي ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ وچولي ٻوڏ ۽ بندن تي دٻاءُ برقرار آهي، ڪچي جي ڳوٺن ۽ فصلن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، انتظاميا ڳوٺاڻن کي ريسڪيو نه ڪري سگهي. جڏھن ته آبپاشي کاتي طرفان پاڻي وھڪرن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڪوٽڙي بئراجن جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 37 هزار 218 ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 35 هزار 618 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو 1 هڪ لک 93 هزار 514 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 87 هزار 953 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 73 هزار 165 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. منڇر ڍنڍ 116 آر ايل،  دادو مورو پل 127 ڏهائي پنج آر ايل، جڏھن ته ڪينجر ڍنڍ 48 ڏهائي 90 گيج رڪارڊ ڪئي وئي. ڪوٽڙي بئرانج مان نڪرندڙ ڪي بي فيڊر واهه ۾ هفتي کانپوءِ 16 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو. جڏهن ته اڪرم واهه، اولڊ ڦليلي ۽ نيو ڦليلي واهن ۾ پاڻي ڇوڙ اڃا تائين بند پيل آهي سنڌو درياهه ۾ پاڻي ۾ چاڙهه سبب سيوھڻ ۽ مانجهند تعلقن جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
10 %
6.3kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون