ڪوٽڙي: سي ٽي ڊي حيدرآباد پوليس جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد گرفتار، ڌماڪيدار مادو هٿ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪوٽڙي ۾ سي ٽي ڊي حيدرآباد پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان  ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي حيدرآباد پوليس ڳجهي اطلاع تي سڪندر آباد ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪري ٻن  دهشتگردن محمد امين سولنگي ۽ اياز خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل دهشتگرد محمد امين سولنگي جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جڏهن ته اياز خان دهشتگردن کي آن لائن هٿيار فراهم ڪندو آهي.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار دهشتگردن وٽان ڌماڪيدار مادو، ڊيٽونيٽر، بيٽري، بال بيرنگ، 9 ايم ايم ۽ 30 بور جو پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويو آهي.

سي ٽي ڊي موجب گرفتار ڪيل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ اداري تي حملي جي  رٿا بندي ڪئي هئي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻنهي دهشتگردن خلاف 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن…

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
60%
1m/s
1%
خميس
20 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون