- Advertisement -
ڪوٽ غلام محمد ويجهو چوري جي معاملي تان جهيڙي سبب ٽن ڄڻن جي قتل واري معامري جو جرڳو ڪري مجموعي طور 2 ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.
مري ۽ لنجواڻي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ عارف خان ڀرڳڙي جي سرپئنچي هيٺ سندس رهائشگاهه تي ٿيو.
جرڳي ۾ مري برادري پاران بلوچستان مان آيل صوڀو خان مري، خانو مري، صيفل مري, محمد مري ۽ سهراب مري امين طور شريڪ ٿيا.
ساڳئي ريت لنجواڻي برادري پاران اڪبر لنجواڻي، نظر محمد لنجواڻي، حامد لنجواڻي ۽ قتل ٿيل ٻن ڀائرن جو والد محب علي لنجواڻي شريڪ ٿيو.
جرڳي ۾ مٿي ڄاڻايل چڱن مڙسن ۽ امينن طرفان في خون تي 70-70 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو، جنهن ۾ لنجواڻي برادري تي مري برادري جي نوجوان جو خون ثابت ٿيڻ تي 70 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو.
ساڳئي طرح مري برادري تي لنجواڻي برادري جي ٻن نوجوانن جي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.
جرڳي ۾ لنجواڻي برادري 40 لک رپيا مري برادري کي معاف ڪري ڇڏيا، جنھن بعد ھو هڪ ڪروڙ ڏنڊ جي رقم وصول ڪندا.
اهڙي طرح مري برادري لنجواڻي برادري کي 35 لک رپيا پڻ معاف ڪيا.
جرڳي ۾ اڪبر لنجواڻي مري برادري کي موقعي تي 5 لک ۽ مري برادري جي ڌر اڪبر لنجواڻي کي 10 لک رپيا ادا ڪيا .
جرڳي ۾ ڪيل فيصلي موجب ٻئي ڌريون بقايا رقم ٽن مهينن اندر ادا ڪرڻ جون پابند هونديون ۽ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جو تڏو پڻ بخشرائينديون، جنهن بعد ڌريون کيرکنڊ ٿي ويون.
ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير محمد لنجواڻي ۾ چار سال اڳ چوري جي الزام تان مري ۽ لنجواڻي برادري وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ نوجوان مير محمد مري قتل ٿيو هو، جنهن بعد مري برادري پلاند طور لنجواڻي برادري جي ٻن سڳن ڀائرن اسلم ۽ خان محمد لنجواڻي کي قتل ڪيو هو.- Advertisement -
