ملير: سمنڊ ۾ ٻڏي وڃڻ بعد 4 ڏينهن کانپوءِ هٿ آيل 4 ماهيگيرن جي جنازي نماز ادا

- Advertisement -
ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏي ويل ابراهيم حيدري جي هٿ آيل چئن مهاڻن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته امدادي ٽيمن پاران ٻڏي ويل ڏهن مهاڻن جي ڳولا جاري آهي. 5 مارچ تي حجامڙو ڪريڪ ويجهو سمنڊ ۾ ملير جي علائقي ابراهيم حيدري واسي مهاڻن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 45 ڄڻا ٻڏي ويا هئا جن مان 31 کي بچايو ويو هو. ٻڏي ويلن مان وڌيڪ هڪ مهاڻي جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي جنهن بعد هٿ آيل لاشن جو انگ وڌيڪ 4 ٿي ويو، جڏهن ته امدادي ٽيمن پاران ٻڏي ويل ڏهن مهاڻن جي ڳولا جاري آهي. 9 مارچ تي پاڪ نيوي، ميري ٽائيم سڪيورٽي ۽ مقامي ٽوٻن پاران مسلسل ڳولا بعد ٻڏي ويل ابراهيم حيدري واسي مهاڻن مان ٽن جا لاش هٿ ڪيا ويا هئا. هٿ آيل لاشن مان ٽن جي شڪيل پٽ ثناءُ الله، هاشم پٽ مٺن وسايو ۽ حسين پٽ ڀورو طور سڃاڻپ ٿي جڏهن ته هڪ مهاڻي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ڇهه ڏينهن لاش پاڻي ۾ رهڻ سبب سڃاڻپ جهڙا ناهن رهيا، وارثن ڪپڙن ذريعي سڃاڻپ ڪئي. چئني مهاڻن جي ابراهيم حيدري واري علائقي عمر ڪالوني ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ پاڪستان ميرين ٽائيم سيڪيورٽي، فشريز فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي، فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ شاھه، سماجي سنگت جي صدر يونس خاصخيلي، ٽائون ميمبر جان عالم ڄاموٽ ۽ وارثن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ چونڊيل نمائندن، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٽائون چيئرمين شرڪت نه ڪئي. جنازي نماز بعد مهاڻن جا مڙهه مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا. امدادي ٽيمن پاران ٻڏي ويل ڏهن مهاڻن جي ڳولا جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون