تازه ترين

ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي چونڊ عملي کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي طلبي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير خلاف چونڊ عملي کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن گذريل ٻڌڻي تي سهيل آفريدي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو جنهن تي اڄ ڪي پي جو وڏو وزير اليڪشن ڪميشن اڳيان پيش ٿيو جڏهن ته وڪيل علي بخاري به ساڻس گڏ هو. سهيل آفريدي جي وڪيل، پنجاب جي وزيراعليٰ خلاف درخواست ڏئي ڇڏي. درخواست ۾ اين اي 18 سان لاڳاپيل حسن ابدال ۾ ترقياتي منصوبن جي اعلان تي مريم نواز خلاف ڪارروائي جي اپيل ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏنا ته اوهان درخواست جمع ڪرايو ان کي ڌار ڏسندا، وڪيل علي بخاري چيو ته اوهان هن ڪيس دان گڏ درخواست کي ڏسي وٺو. ڪي پي جي وڏي وزير جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن کي معاملي تي ٻڌڻي جو اختيار ناهي، تڪ ۾ ڊي ايم او طرفان به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. درخواست ڏيندڙ بابر نواز جي وڪيل سجيل سواتي دليل ڏيندي چيو ته سهيل آفريدي واضح طور چونڊ عملي کي ڌمڪيون ڏنيون، مانيٽرنگ آفيسر جي ڏنڊ بعد اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جو اختيار ختم نه ٿيندو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن اليڪشن کان اڳ وزيراعظم به اهڙو خطاب ڪري ته ان کي به نوٽيس جاري ڪيو ويندو. وڪيل علي بخاري چيو ته اوهان پهريان ڪيس ٻڌڻي جوڳو هئڻ بابت فيصلو ڪريو. اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ڪيس ٻڌڻ جوڳو هئڻ بابت مناسب آرڊر جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن ڪي پي جي وڏي وزير کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري کان ڇوٽ ڏيندي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سهيل آفريدي جي وڪيل اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ٻڌڻي جوڳو هئڻ بابت دائره اختيار کي چئلينج ڪري ڇڏيو. وڪيل درخواستون ٻڌڻي جوڳي هئڻ تي اعتراض واري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن سهيل آفريدي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
19 %
2.3kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
16 °
آچر
14 °

تازه ترين خبرون