تازه ترين

ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور کي ٻيهر گورنر هائوس اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
  ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور کي ٻيهر گورنر هائوس اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته وفاق ۽ صوبي ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو، ڳالهه دليل جي بنياد تي ڪرڻ گهرجي. مالاڪنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امين گنڊاپور جيڪڏهن گورنر هائوس اچڻ پسند نٿو ڪري ته هو وزيراعليٰ هائوس وڃڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته صوبي جو ڪيس لاڳاپيل فورم تي وڙهڻ چاهي ٿو، هو سمورين پارٽين کي گڏجي ڪي پي جو ڪيس وڙهڻ جي دعوت ڏئي ٿو، گورنر هائوس هر سياسي پارٽي جو گهر آهي. سندس چوڻ هو ته سياسي مقابلو اليڪشن ۾ ڪندا، هاڻي وقت ڪارڪردگي جو آهي، صوبي جي حقن لاءِ وزيراعليٰ سان هر وقت ملڻ لاءِ تيار آهي، گورنر راڄ نه لڳايو ويندو، پيپلزپارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي. ڪي پي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبائي حڪومت سان گڏجي عوام جو ڪيس وڙهڻ چاهي ٿو، هي وقت جذباتي ٿيڻ نه پر ذميواري جو آهي، صوبي جي حقن لاءِ سمورن سياسي قائدين سان ملندو، مالاڪنڊ ۾ ٽيڪس جو مسئلو وفاق ۾ پيش ڪندو. هن چيو ته  مالاڪنڊ ڊويزن جي عوام جو بار بار احتجاج حل ناهي، مسئلي جو مستقل حل ڪڍڻو پوندو، ٽيڪس ڇوٽ ذوالفقار ڀٽو جو تحفو هو، هو عوامي گورنر آهي، گهٽي گهٽي وڃڻ لاءِ تيار آهي، ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ نٿا چاهين
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
52 %
3.5kmh
4 %
آچر
30 °
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون