تازه ترين

ڪُرم جي علائقي بگن ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ بعد امدادي سامان جو پهريون قافلو ٽل لاءِ روانو نه ٿي سگهيو

- Advertisement -
ڪُرم جي علائقي بگن ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ بعد امدادي سامان جو پهريون قافلو ٽل لاءِ روانو نه ٿي سگهيو، ڪرم ضلعي ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڪرم تي فائرنگ ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا ۽ صوبائي حڪومت ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عمل شروع ڪندي ٽل – پارا چنار روڊ تي 48 چيڪ پوسٽون قائم ڪري ڇڏيون. ڪُرم جي علائقي بگن ۾ سرڪاري گاڏين تي فائرنگ بعد امدادي سامان جو پهريون قافلو ٽل لاءِ روانو نه ٿي سگهيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرم ضلعي لاءِ امدادي سامان جو پهريون قافلو ٽل لاءِ روانو ٿيڻو هو جيڪو اڃا تائين روانو ناهي ٿي سگهيو. پوليس موجب، 80 کان وڌيڪ ٽرڪن تي ٻڌل قافلي جي گذرڻ وقت مک شاهراهه تي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويندو. ڪرم ضلعي ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڪرم تي فائرنگ ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا. زخمي ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود جي جاءِ تي اشفاق خان کي ڊي سي ڪرم مقرر ڪيو ويو آهي. صوبائي حڪومت ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عمل شروع ڪندي ٽل – پارا چنار روڊ تي 48 چيڪ پوسٽون قائم ڪري ڇڏيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
39 %
2kmh
12 %
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون