- Advertisement -
ڪڪڙ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ دوران چور 6 ٿنڀن جون تارون لاهي ويا، جنهن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.
خانپور جوڻيجو کان چوکنڊي لنڪ روڊ تان چور بجلي نه هجڻ دوران اونداھي جو فائدو وٺندي ھڪ ڀيرو ٻيھر 6 کان وڌيڪ بجلي جي ٿنڀن مان 11ھزار وولٽيج بجلي جون تارون چوري ڪري کڻي ويا.
تارون چوري ٿيڻ سبب چوکنڊي، شھمير واھڻ، مير خان نائچ، علي پور، پريو جوڻيجو، ڪليم آباد ۽ مراد جوڻيجو سميت ٻين ڳوٺن کي بجلي فراھمي معطل ٿيڻ سبب ڳوٺ اونداھي جي لپيٽ ۾ اچي ويا.
ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن امتياز منير آرائين، احسان علي، اسماعيل، ببلو نائچ ۽ ٻين ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪڪڙ ٿاڻي جي حد مان تارون چوري ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب علائقي واسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڳوٺاڻن سيپڪو چيف سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڳوٺن جي بجلي فوري طور بحال ڪري جوڳا قدم کڻي تارون چوري ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.- Advertisement -
