پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز چيو آهي ته گذريل هڪ هزار ڏينهن دوران صوبي جي صورتحال تبديل ڪري ڇڏي آهي، هاڻي پنجاب ۾ ڊالا ڪلچر، بدمعاشي ۽ سفارش بدران صرف ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ٿين ٿا.
راولپنڊي ۾ هونها اسڪالرشپ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ماضي ۾ پنجاب ۾ ڌاڳو ڦيڻو جي بنياد تي نظام هلايو ويندو هو، شهرن جي رستن تي مٽي ۽ ڌوڙ اڏامندي هئي، پر هاڻي صوبي ۾ انتظامي معاملن کي بهتر بڻايو ويو آهي.
هن مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪرپشن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي، جيڪي ماڻهو چوندا هئا ته ترقياتي فنڊ صرف لاهور تي خرچ ٿين ٿا، انهن کي دعوت ڏيان ٿي ته ليه ۽ ڀڪر اچي ڏسن، جتي پڻ ترقياتي ڪم جاري آهن.
هن چيو ته اڄ سڄي پنجاب ۾ هڪجهڙي ترقي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
پنجاب جي وزير اعليٰ وڌيڪ چيو ته محدود وسيلن باوجود حڪومت ترقياتي ڪم جاري رکيا آهن. جيڪڏهن مالي وسيلا وڌيڪ هجن ها ته هڪ هزار ڏينهن ۾ اهڙي ترقي ٿئي ها، جنهن جو هر ڪو مشاهدو ڪري ها.
مريم نواز صوبي ۾ عورتن جي تحفظ بابت ڳالهائيندي واضح ڪيو ته عورتن سان بدتميزي ۽ بدسلوڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ عورتن جي عزت ۽ تحفظ سندس حڪومت جي ريڊ لائين آهي.
گذريل هڪ هزار ڏينهن دوران صوبي جي صورتحال تبديل ڪري ڇڏي آهي: پنجاب وزير اعليٰ مريم نواز
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3
°
C
12.3
°
12.3
°
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


