تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

گرجا گهرن تي ڪو حملو ڪري ته مسلمانن مٿان فرض آهي ته جهاد ڪري, قاضي فائز عيسيٰ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج ۽ نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته گرجا گهرن تي ڪو حملو ڪري ته مسلمانن مٿان فرض آهي ته جهاد ڪري.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڙانوالا ۾ عيسيٰ نگري جو دورو ڪري متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ گهرن جو معائنو ڪيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ متاثرن جي روڪ مالي مدد ڪئي ۽ سندس گهر واري متاثرن ۾ راشن جي ورڇ ڪئي.

ان موقعي تي متاثرن سان ڳالهائيندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڙانوالا جو واقعو نهايت افسوس جوڳو آهي، هو متاثرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.

هن چيو ته مسيحي برادري جا به ٻين وانگر حق آهن، سڀ برابر جا شهري آهن ۽ ڪنهن کي به ڪنهن مٿان سرسي حاصل ناهي.

سندس چوڻ  هو ته ڪو به اهڙو مسلمان ناهي جيڪو حضرت عيسيٰ کي پيغمبر مڃڻ کان انڪار ڪري، مسيحي برادري کي چرچ ٺاهڻ جو ايترو ئي حق آهي جيترو مسلمانن کي مسجد ٺاهڻ جو آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته گرجا گهرن تي ڪو حملو ڪري ته مسلمانن تي فرض آهي ته جهاد ڪري.

هن چيو ته هن پنهنجي عهدي جي ڪري علائقي جو دورو نه ڪيو آهي، هڪ شهري طور ٻئي شهري وٽ آيو آهي، هر انسان جو فرض آهي ته متاثرن جي مدد ڪري، متاثرن جي مدد ڪرڻ سندن ديني فرض آهي…………………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
26 %
2.7kmh
5 %
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون