- Advertisement -
سـِک فار جسٽس جي اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون پنهنجي قتل جي سازش ڪرڻ تي ڀارتي حڪومت خلاف امريڪا ۾ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
سـِک اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان پنهنجي وڪيل ميٿو بورڊن ۽ رچرڊ راجرز سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.
ڪيس ۾ قتل جي سازش ۾ ملوث ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي اجيت ڊوول، سمنت گوئل، وڪرم ياديو ۽ نـِکل گپتا جا نالا شامل ڪيا ويا.
گرپتونت سنگهه پنون جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت ۽ “را” جي عملدارن امريڪا جي سرزمين تي امريڪي شهري کي قتل ڪرڻ جي غير معمولي سازش ڪئي.- Advertisement -
