تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

گلشن حديد ۾ ٽيچرز ۽ عورت اسٽاف سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار خانگي اسڪول جي پرنسپل خلاف ڪيس داخل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ ٽيچرز ۽ عورت اسٽاف سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار خانگي اسڪول جي پرنسپل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

گلشن حديد ۾ قائم خانگي اسڪول ۾ پرنسپل عرفان ميمڻ خلاف جماعت اسلامي جي وفد شڪايت ڪئي هئي، جنهن کي شهرين جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو هو.

پوليس موجب جوابدار وٽان 25 کان وڌيڪ وڊيوز هٿ ڪيون ويون، پوليس وٽ سموريون شاهديون موجود آهن.

ايس ايس پي ملير موجب گرفتار جوابدار وڊيوز ذريعي ٽيچرز ۽ ٻئي اسٽاف کي بليڪ ميل ڪري زيادتي ڪندو هو.

هن چيو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا متاثر عورتن سان ملندي، ڪميٽيءَ ۾  عورت آفيسر کي به شامل ڪيو ويندو.

آءِ جي سنڌ رفعت مختار  معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين به معاملي جو نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ جي هدايت ڪئي.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر رجسٽريشن رفيعه ملاح جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير جي هدايت تي ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ انسٽيٽيوشن واقعي جي جاچ لاءِ چار رڪني ڪميٽي جوڙي آهي.

هن چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر قربان ڀٽو ڪميٽيءَ جو سربراهه هوندو، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ممتاز قمبراڻي، زيد مگسي ۽ جاويد قاضي شامل آهن.

رفيعه ملاح چيو ته حقيقتن ۽ ڪميٽيءَ  جي سفارشن تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

گلشن حديد ۾ ٽيچرز ۽ عورت اسٽاف سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار خانگي اسڪول جي پرنسپل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سرڪاري فرياد تي داخل ڪيس ۾ اسڪول جي مالڪ کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس اختيارين موجب، ڪيس ۾ ٽيلي گراف ايڪٽ ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن، جوابدار اسڪول جو مالڪ ۽ پرنسپل آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
38 %
0.2kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون