- Advertisement -
گمبٽ ۾ هٿياربندن ريلوي اسٽيشن تي ڪاھه ڪرڻ بعد فائرنگ ڪري پوائنٽ مين کي گوليون هڻي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.
ريلوي اسٽيشن تي ڏوھارين ڪاھه ڪرڻ بعد ڦر دوران مزاحمت تي پوائنٽ مين منظور سومرو کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.
شھرين واقعي واري هنڌ پھچي زخمي کي فوري طور کڻائي گمس اسپتال منتقل ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا.
زخمي پوائنٽ مين منظور سومرو ٻڌايو ته ڏوھاري ڦر جي ارادي سان اندر داخل ٿيا، جنهن دوران عملي مزاحمت ڪئي، جنهن تي هنن فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪيو ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.
هوڏانهن پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
