تازه ترين

گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ صوبائي ۽ وفاقي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي نينگري سميت 10 کان وڌيڪ گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ صوبائي ۽ وفاقي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي. درخواست جي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي، اڪثر گم ٿيلن جا وارث عدالت ۾ پيش نه ٿيا. جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته 17 سالن جي رمشا گذري پوليس ٿاڻي جي حد مان گم آهي، جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڇوڪري گهريلو نوڪرياڻي جو ڪم ڪندي هئي. جاچ آفيسر جو وڌيڪ چوڻ هو ته جاچ دوران هٿ ڪيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڇوڪري گهر مان اڪيلي وڃي رهي آهي. جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته ڇوڪري جي ماءُ کي جي آءِ ٽي ۾ طلب ڪيو ويو پر هوءَ اڃا تائين پيش نه ٿي آهي، ساڻس سهڪار نه پيو ڪيو وڃي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان حيدر بوٽ بيسن، موچڪو واري علائقي مان موسيٰ خان، اصغر علي ڪورنگي ۽ ٻين علائقن مان شهري گم ٿيا آهن. جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته ٻين شهرين جي بازيابي لاءِ اي ايس ايف، ايف آءِ اي ۽ ٻين ايجنسين کي خط موڪليا ويا آهن. پوليس رپورٽ موجب گم ٿيل شهري سيد افتخار سپر مارڪيٽ واري علائقي مان باحفاظت گهر پهچي ويو آهي. عدالت 17 ورهين جي نينگري سميت ٻين شهرين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت صوبائي ۽ وفاقي گهرو کاتي، آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي جاچ ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
44 %
2.4kmh
1 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون