ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گند مان بجلي ۽ گئس پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي، سستي بجلي پيدا ڪرڻ جو فائدو شهرين کي منتقل ٿيندو، جماعت اسلامي ڪراچي شهر جي ترقيءَ جي مخالف آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي، شهرين کي پارڪن ۾ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، شهر ۾ غير قانوني پارڪنگ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي شهر ۾ پاڻي مافيا خلاف ڪارروايون جاري آهن، هو رڳو ڳالهيون ناهن ڪندا پر پاڻي مافيا خلاف ڪارروائي به ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته جنهن شهر جي آبادي معلوم نه هجي اتي ترقي ڇا ٿيندي؟، هو تنقيد کي به هاڪاري انداز ۾ وٺندو آهي، چاهن ٿا ته شين کي بهتر ڪيو وڃي.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي شهر ۾ تفريحي سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪيو ويندو، چڙيا گهر تاريخي حيثيت رکي ٿو جتي نوان جانور آڻڻ جي ضرورت آهي، هاٿي کي سفاري پارڪ منتقل ڪرڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته گند مان بجلي ۽ گئس پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي، سستي بجلي پيدا ڪرڻ جو فائدو شهرين کي منتقل ٿيندو.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته جماعت اسلامي ڪراچي شهر جي ترقيءَ جي مخالف آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي، شهرين کي پارڪن ۾ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، شهر ۾ غير قانوني پارڪنگ جي اجازت نه ڏني ويندي………
