تازه ترين

گنڊا پور کي ڀڀڪيون نه هڻڻ گهرجن، کيس پنهنجي صوبي ۾ ڪير بند نه ٿو ڪري سگهي : پرويز خٽڪ

- Advertisement -
ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته گنڊا پور کي ڀڀڪيون نه هڻڻ گهرجن، کيس پنهنجي صوبي ۾ ڪير بند نه ٿو ڪري سگهي، پي ٽي آءِ ڪابينا ۾ جيڪو ٿيو سڀي ٻڌائيندو، هن نه پهريون ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ نه وري هاڻي ڳالهائيندو. نوشهره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته هو علي امين گنڊا پور ۽ علي امين کيس چڱي نموني سڃاڻي ٿو، هن نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو ۽ نه وري ڳالهائيندو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي سچ برداشت نه ٿا ڪري سگهن، علي امين گنڊا پورکي ڀڀڪيون نه هڻڻ گهرجن،  سندس تعلق به خٽڪ قبيلي سان آهي کير پنهنجي صوبي ۾ ڪير به بند نه ٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته هو ماضي ۾ نيب جي نوٽيس تي پيش ٿيندو رهيو آهي، هاڻي به نوٽيس تي عدالت ويندو. پرويز خٽڪ چيو ته نوٽيس ڏئي کيس عدالت طلب ڪيو ويندو آهي نه پهريون پنهنجي مرضي سان پيش ٿيو ۽ نه وري هاڻي مرضي سان وڃي رهيو آهي. هن چيو ته هو ڪنهن خلاف نه پر وفاقي ڪابينا اجلاس جي ڪارروائي ۾ جيڪو ٿيو اهو ٻڌائيندو، هن وقت سموري ڪابينا اجلاس جي ڪارروائي جي شاهد آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
13 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
35.7 ° C
35.7 °
35.7 °
5 %
7.7kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون