- Advertisement -
گهرو وزارت سي پيڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ پرڏيهين تي حملن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن.
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران گهرو وزارت 2020ع کان 2024ع تائين چيني ۽ جاپاني شهرين تي حملن جا تفصيل پيش ڪيا.
گهرو وزارت طرفان چيو ويو ته سنڌ ۾ چيني ۽ جاپاني شهرين تي ٽي دهشتگرد حملا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ پنج پرڏيهي مارجي ويا.
جواب ۾ چيو ويو ته 2023ع دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ 930 ماڻهو فوت ٿيا، 19 سئو 92 سويلين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار زخمي ٿيا.
گهرو وزارت موجب ڪي پي ۾ گذريل سال دهشتگردي جي 558 واقعن ۾ 580 ماڻهو شهيد ۽ 14 سئو 47 زخمي ٿيا، گذريل سال قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 402 اهلڪار شهيد ۽ هڪ هزار 54 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 2023ع ۾ 178 شهري شهيد ۽ 393 زخمي ٿيا- Advertisement -
