گهر ٺيڪ ڪرڻ کانسواءِ قرض جي بار مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ مشڪل آهي : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته گهر ٺيڪ ڪرڻ کانسواءِ قرض جي بار مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب عالمي اقتصادي فورم دوران ترقي پذير معيشت تي وڌندڙ عالمي قرض جي بار تي هڪ اعليٰ سطحي پينلسٽ طور خطاب ڪندي چيو قرض جي استحڪام ذريعي مالي پاليسين کي تبديل ڪرڻ، قرضن جي پائيداري ذريعي مضبوط ۽ لچڪدار معيشت ٺاهڻ جي ضرورت تي بحث ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالي اڪائونٽ جو ٻٽو خسارو آهي، مالي خساري جو مک سبب 9 کان 10 سيڪڙو جو غير مستحڪم ٽيڪس کان جي ڊي پي تناسب آهي، ڍانچي جي سڌارن جي ڪري ٽيڪس جي ڊي پي جي تناسب ۾ اضافو ٿيو، جي ڊي پي جي شرح کي 13 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته ٽيڪس کان جي ڊي پي جي تناسب کي وڌائڻ کانسواءِ قومن جي برادري ۾ عزت وارو مقام حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. حڪومت پنهنجي خرچن کي گهٽائڻ ۽ قرض جي ادائيگي جي مقدار کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، گهر کي صحيح ڪرڻ کانسواءِ قرض جي بار کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته قرضن ذريعي خرچ هلائڻ يا سبسڊي ڏيڻ بدران پيداواري صلاحيت وڌائي برآمدات کي هٿي ڏيڻ گهرجي، پاڪستان جي معاشي ترقي غيرمستحڪم رهي آهي، جيئن ئي جي ڊي پي جي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو تي پهتي، معيشت جو درآمدات تي ڀاڙڻ  گهٽجڻ شروع ٿيو ۽  ادائيگين جو توازن خراب ٿيو ۽ هر ڀيري ادائيگين جو توازن خراب ٿئي ٿو، جنهن ڪري آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو پوندو آهي. هن چيو ته پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، ملڪي معيشت جي ڊي اين اي کي تبديل ڪندي برآمدات ذريعي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي پاليسي ڏانهن وڌي رهيو آهي، خانگي شعبي کي اقتصادي ترقي ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي بينڪ سان 10 سالن جي ڀائيواري پروگرام ذريعي وڌندڙ آبادي، غربت ۽ ماحولياتي مسئلن تي ضابطو آڻي پائيدار معاشي ترقي ڏانهن وڌنداسين، سي پيڪ فيز 2 ۾ حڪومت کان حڪومت بدران بزنس ٽو بزنس ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو، سي پيڪ فيز 2 ۾ چيني ڪمپنين کي پيداوار يونٽ پاڪستان منتقل ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان کي پنهنجي برآمدات جو مرڪز بڻائي سگهن ٿيون، پاڪستان پانڊا بانڊز ذريعي دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ گهري چيني سرمائيدار مارڪيٽ تائين رسائي چاهي ٿو، پاڪستان مصر جي تجربن مان سکي سگهي ٿو ۽ سرمائي مارڪيٽ تائين پنهنجي رسائي حاصل ڪري ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪرڻ جو خواهشمند آهي. محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي آئي ٽي شعبي ۾ نوجوانن لاءِ ڪيترائي موقعا آهن، اها هڪ مثبت ڳالهه آهي ته پاڪستاني نوجوانن کي سڄي دنيا ۾ سٺيون نوڪريون ملي رهيون آهن، ملڪ ۾ نوجوانن لاءِ نوڪرين جا سٺا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهي، هڪ پائيدار پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسي تسلسل ذريعي خانگي شعبي ۾ نوڪري جا موقعا پيدا ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
27%
2.3m/s
6%
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون