تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

گهٽ مدي لاءِ حڪومت ملڻ باوجود هو معاشي بحالي جي منصوبن تي عمل يقيني بڻائينداسين:نگران وزيراعظم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سيڙپڪاري بابت ايپڪس ڪميٽي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ ماحول ٺاهڻ تي زور ڀريندي مختلف منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي،  نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته گهٽ مدي لاءِ حڪومت ملڻ باوجود هو معاشي بحالي جي منصوبن تي عمل يقيني بڻائيندا.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽيءَ جو پنجون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف، نگران وفاقي ڪابينا، صوبائي نگران وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل عملدارن  شرڪت ڪئي.

اجلاس  ۾ وفاقي وزيرن مختلف شعبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي وزيراعظم عملي قدمن جي منظوري ڪندي مقرر مدي ۾ انهن کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته وزير قدمن تي عمل يقيني بڻائن، گهٽ مدي باوجود هو معاشي بحالي واري منصوبي تي عمل يقيني بڻائيندا.

اجلاس کانپوءِ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اعجاز گوهر سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو ته ملڪي معيشيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مخلصاڻي نموني ڪم ڪيو پيو وڃي، سڀ نگران وزير هڪ ٽيم وانگر ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ نگران حڪومت قدم کڻي رهي آهي، عام شهريءَ کي معاشي طور خودمختيار ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي.

نگران وفاقي وزير  گوهر اعجاز چيو ته روزگار  جي موقعن ۾ اضافو ڪري مهانگائي جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته   مهانگائي جو وڏو سبب سپلاءِ چين متاثر ٿيڻ آهي، صنعت هلي پئي ته 300 رپين جو پئٽرول اڍائي سئو رپين ۾ ملي سگهي ٿو. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير     مرتضيٰ سولنگي چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،  عالمي ادارن سان ڪيل معاهدن تي عمل جاري رکيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
22 %
3.4kmh
89 %
آچر
26 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون