- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جو واڌايون ڏنيون آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ ڪامران ٽسوريءَ چيو ته سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي هو صوبي جي عوام کي واڌايون ڏي ٿو.
هن چيو ته ثقافتي ڏينهن تي صوبي جا ماڻهو پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ صوبي جي ثقافت سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پائيندا آهن.
ڪامران ٽوسري چيو ته سنڌ جي ثقافت قديم ۽ تاريخي اهميت رکي ٿي، جيڪا هزارين ورهين تي ٻڌل آهي، هو صوبي جي ثقافتي قدرن، روايتن ۽ ٻولين جي حفاظت جو وچن ڪن ٿا.
سنڌ جي گورنر چيو ته سنڌ جي ثقافت امن، ڀائيچاري ۽ پيار محبت جو پيغام ڏئي ٿي.- Advertisement -
