- Advertisement -
گپچاڻي ويجهو کوکر ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ علي بخش کوکر ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب دوست علي کوکر، نظام دين کوکر ۽ فتح محمد چانڊيو زخمي ٿي پيا.
پوليس سمورن زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙو معمولي ڳالهه تان ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -
