گڏيل عرب امارات طرفان پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر سيڙپڪاريءَ جو واعدو

- Advertisement -
گڏيل عرب رياستن صدر شيخ زيد بن النهيان پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ 10 ارب ڊالر مخصوص ڪري ڇڏيا آهن، وزيراعظم شهبازشريف جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب رياستن کان قرض نه پر گڏيل سيڙپڪاري گهرجي، هنن ڪِشتو ٽوڙي ڇڏيو آهي، قومون قرض يا امداد نه پر محنت سان ترقي ڪنديون آهن، ڪوشش آهي ته ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان مڪمل ٿئي. وزيراعظم شهبازشريف يو ايَ ايِ جي صدر امير شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران  ٻه طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. يو ايَ ايِ جي صدر، وزيراعظم کي  پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾  نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف ۽ واپار وارو وزيرڄام ڪمال به موجود هئا. وزيراعظم سان يو ايَ ايِ جي صدر جي ملاقات بعد گڏيل عرب رياستن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ 10 ڊالر مخصوص ڪرڻ جو اعلان ڪيو. يو ايَ ايِ سرڪاري ميڊيا موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ 10 ڊالر مخصوص ڪرڻ جو اعلان وزيراعظم ۽ يو ايَ ايِ جي صدر سان ملاقات دوران ڪيو ويو. ان کان اڳ ابوظهبي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب رياستن جي باصلاحيت  آءِ ٽي  پروفيشنلز کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان آهن، اڍائي مهينن ۾ سڀ کان وڌيڪ وقت آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ وارن معاملن تي ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته شيخ محمد بن زيد طرفان معيشت ۾ آندل جدت ساراهه جوڳي آهي، يو ايَ ايِ جو صدر پاڪستان جو عظيم دوست آهي،  هو گڏيل عرب رياستن سان گڏجي ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهن ٿا. شهبازشريف چيو ته يو ايَ ايِ آءِ ٽي فيلڊ ۾ ليڊ ڪري رهيو آهي، هو گڏيل عرب رياستن کان قرض نه پر سيڙپڪاري چاهن ٿا، ترقي امداد سان ناهي ايندي، کين پاڻ تي ڀاڙن واري منزل حاصل ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب رياستن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني سندن قميتي اثاثو آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
28%
2.9m/s
1%
ڇنڇر
24 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون