تازه ترين

گڏيل عرب رياستن جي ٽيم اسلام آباد ۽ ڪراچي هوائي اڏن تي ايوي ايشن سڪيورٽي عالمي معيار جي قرار

- Advertisement -
گڏيل عرب رياستن جي ٽيم اسلام آباد ۽ ڪراچي هوائي اڏن تي ايوي ايشن سڪيورٽي عالمي معيار جي قرار ڏني آهي. يو ايَ ايِ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ٽيم جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو دورو مڪمل ڪري ورتو آهي، ٽيم ان کان اڳ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو دورو ڪيو هو. ٻه رڪني ايوي ايشن سڪيورٽي جي قيادت سينيئر ڊائريڪٽر عبدالله الڪعبي ڪئي، ٽيم ٻنهي هوائي اڏن تي  مختلف ايوي ايشن سڪيورٽي جي شعبن جو معائنو ڪيو. يو ايَ ايِ جي ٽيم ايوي ايشن سڪيورٽي معاملن ۾ مسافرن ۽ سامان جي اسڪريننگ، ڪارگو ۽ ڪيٽرنگ سڪيورٽي جو جائزو ورتو. ٽيم قومي ۽ ٻين ايئر لائنز  جي سڪيورٽي دستاويزن جو به جائزو ورتو. مهمان ٽيم ايئرپورٽ مينيجمينٽ، ايَ ايس ايف، ايئر لائنز، ڪارگو ڪمپنين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن جي سڪيورٽي پروٽوڪولز تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سينيئر ڊائريڪٽر  عبدالله الڪعبي جو چوڻ هو ته سڪيورٽي پروٽوڪولز عالمي معيار ۽ بيسٽ پريڪسٽز سان ليس آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
7.5kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون