تازه ترين

گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل ۾ غزه ۾ جنگ بندي بابت ٺهراءَ کي اسرائيل نظر انداز ڪري بمباري تيز ڪري ڇڏي

گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل ۾ غزه ۾ جنگ بندي بابت ٺهراءَ کي اسرائيل نظر انداز ڪري بمباري تيز ڪري ڇڏي آهي.

فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 56 فلسطيني شهيد۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.

فلسطيني ميڊيا موجب، ديرالبلاح تي بمباري ۾ 22 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته رفح ۾ گهرن تي بمباري سبب وڌيڪ 30 فلسطينين شهادت جو جام پيتو.

فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 32 هزار 333 ٿي ويو جڏهن ته  74 هزار 694 زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي اسرائيلي وفد جنگ بندي جو ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد امريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

اسرائيلي پرڏيهي وزير نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته امريڪا سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بندي ٺهراءُ روڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو.

سندس چوڻ هو ته امريڪا اسرائيل جو ساٿ ڏيڻ واري موقف کان پوئتي هٽي ويو، حماس خلاف جنگ ۽ اسرائيلي قيدين جي ڪوشش کي نقصان پهچندو.

هوڏانهن امريڪا اسرائيلي وفد طرفان امريڪي دورو ملتوي ڪرڻ کي حيران ڪندڙ ۽ بدقسمتي قرار ڏنو آهي.

امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو ميٿو ملر جو چوڻ آهي ته رفح ۾ 15 لک فلسطيني پناهگير آهن، حملو سنگين غلطي هوندي، رفح تي حملي سان اسرائيل جي سالميت کي نقصان پهچندو.

سندس چوڻ هو ته ووٽنگ ۾ شرڪت نه ڪرڻ اسانجي پاليسي ۾ تبديلي ظاهر نٿي ڪري.

هوڏانهن جان ڪربي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٺهراءَ ۾ حماس جي مذمت جو لفظ شامل نه هجڻ تي امريڪا ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.

هن وڌيڪ چيو ته نيتن ياهو جي طئي ڪيل ڳالهين ۾شرڪت نه ڪرڻ جي فيصلي سان مايوسي ٿي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
13 %
5.7kmh
17 %
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °
خميس
26 °

تازه ترين خبرون