تازه ترين

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار افغانستان ۾ موجود ٽي ٽي پي دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار افغانستان ۾ موجود ٽي ٽي پي دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته جنگ ختم ٿي چڪي آهي افغان پناهگيرن پنهنجي وطن واپس وڃن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو ته 6 هزار ويڙهاڪن سان ٽي ٽي پي افغانستان ۾ موجود آهي، طالبان ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته پاڪستان پنهنجي تحفظ لاءِ قدم کڻندو. سندس چوڻ هو ته افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد گروهن ۽ انهن جي پراڪسيز لاءِ پناهه گاهه بڻجي ويو آهي. افغان سرزمين مان ٿيندڙ دهشتگردي پاڪستان لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. عاصم افتخار چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغانستان مان مداخلت جي ڪوششون کي کي ناڪام بڻايو آهي، پاڪستان ۾ ڪاررواين دوران 2022 کان هن وقت تائين 214 افغان دهشتگرد مارجي چڪا آهن. پاڪستان جي فروسز ۽ عام شهرين وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، گڏيل قومن جي ٽيم به افغان سرزمين تي ٽي ٽي پي جي موجودگي جي تصديق ڪئي آهي، گڏيل قومن کي غيرقانوني واپار ۽ هٿيارن جي منتقلي روڪڻ لاءِ ڪوششون وڌائڻيون پونديون. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي منصوبابندي افغانستان مان ڪئي پئي وڃي، دشمن ملڪ پاڪستان خلاف دهشتگرد گروهن جي مدد ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي مستقل نمائندي وڌيڪ چيو ته افغانستان جي صورتحال جا تباهي ڪندڙ نتيجا خطي تي اثرانداز ٿي رهيا آهن، جنگ ختم ٿي چڪي آهي، افغان پناهگيرن کي پنهنجي وطن واپس وڃڻ گهرجي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
85 %
5.1kmh
81 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون