تازه ترين

گڏيل قومن ۾ پاڪستان پاران غزا ۾ مڪمل ۽ فوري جنگبندي تي زور

- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان غزا ۾ مڪمل ۽ فوري جنگبندي تي زور ڀريندي چيو آهي ته عالمي برادري والاريل فلسطيني علائقن ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي متبادل مستقل نمائندي عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته اسرائيل جي اولهه ڪناري ۾ جارحيت کي روڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته انساني امداد کي هٿيار طور استعمال نٿو ڪري سگهجي؟. پاڪستان جي متبادل مستقل نمائندي عاصم افتخار غزا ۾ مڪمل ۽ فوري جنگبندي تي زور ڏنو ۽ چيو ته وچ اوڀر ۾ بدامني جي پاڙ اسرائيل جو غيرقانوني قبضو آهي، عالمي برادري فلسطيني علائقن ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي. عاصم افتخار اپيل ڪئي ته سلامتي ڪائونسل فلسطينين جي جبري بي دخلي خلاف ڄمي بيهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
47 %
2.7kmh
53 %
اڱارو
25 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون