گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن ۽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويندوجڏهن ته اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي رپورٽ جي منظوري جو امڪان آهي.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس اڄ 12 وڳي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو، اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ وفاقي وزير شرڪت ڪندا.
اجلاس ۾ ڊجيٽل مردمشماري جي نتيجن ۽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته صوبائي حڪومتون ڊجيٽل مردم شماري جي نتيجن تي پنهنجو موقف پيش ڪنديون.
ذريعن موجب، سي سي آءِ اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي رپورٽ جي منظوري جو امڪان آهي.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 9 آگسٽ تائين حڪومت ختم ڪرڻ ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو امڪان آهي….
