- Advertisement -
گھارو مان گذريل ڏينهن اغوا ٿيل نينگري نبيلا جوکيو بازياب ٿي وئي آهي.
اڻڄاتل جوابدار نينگريءَ کي ساڪري روڊ تي عبدالقادر ڪيٽل فارم وٽ ڇڏي فرار ٿي ويا.
ڳوٺاڻن ننڍڙي کي ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو.
نينگري جي واپس پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن گهر ٻاهران راند ڪندي نينگري اغوا ٿي وئي هئي.
نينگري جي اغوا جا سي سي ٽي فوٽيجز به سامهو اچي ويا هئا، جنهن ۾ اڻڄاتل شخص ٻارڙي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندي نظر اچي رهيو اهي.- Advertisement -
