- Advertisement -
ڳڙهي حسن ۾ ڳوٺاڻن هڪ چور کي سوگهو ڪري مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
آر ڊي 52 ٿاڻي جي حد ڳوٺ ولي محمد کوسو ۾ ڳوٺاڻن مڙس ڪري هڪ جوابدار معشوق ٽانوري کي سوگهو ڪري ورتو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مزاحمت دوران ٽي چور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته ھڪ پڪڙيل چور کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
اهڙي واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس پنجن ڪلاڪن کانپوءِ پهتي جوابدار کي تحويل ۾ ورتو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار کي بااثر جي چوڻ تي ازاد ڪرڻ چاهي ٿي، معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.- Advertisement -
