ڳڙهي ياسين: رائيس مل تي هٿياربندن جي چڙهائي، چوڪيدار ۽ عملو يرغمال

- Advertisement -
ڳڙھي ياسين ويجهو هٿياربند رائيس مل تان 8 مڻ وزني ٽجوڙي کڻي فرار ٿي ويا. باءِ پاس لڪڙا ھوٽل ويجهو دراني رائيس مل تي 15 کان وڌيڪ ھٿياربند ڪاهه ڪري چوڪيدار ۽ عملي کي يرغمال بڻائي 8 مڻ وزني ٽجوڙي کڻي ويا، جنهن ۾ لکين رپيا روڪ رقم ۽ کاتي جا ضروري ڪاغذ ۽ ٻيو سامان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس ۽ ٽائون چيئرمين واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا. پوليس جو چوڻ هو ته دراني رائيس مل ۾ ھٿياربندن سيلر ۾ داخل ٿي پيرسن چوڪيدار کي يرغمال بڻائي ٽجوڙي کڻي ويا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن چوٻول آهن ته ٽائون چيئرمين ڳڙھي ياسين ۽ ايس ايڇ او لکين رپين جي چوري واري معاملي کي دٻائيندي راڄوڻي ذريعي چوري واپس ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
15%
3.6m/s
0%
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون