- Advertisement -
ڳڙهي ياسين ويجهو مهر ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان 3 ڄڻا قتل ٿي ويا.
ڊکڻ ناڪي وٽ هٿياربندن جي لوڊر رڪشا مٿان فائرنگ ۾ آصف مارفاڻي، محمد علي مارفاڻي ۽ سعيد جمالي قتل ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مهر – معرفاڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
مقتولن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
