ھفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي 203 هين  عرس مبارڪ جون غير سرڪاري تقريبون درازا شريف ۾ جاري

- Advertisement -
ھفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي 203 هين  عرس مبارڪ جون غير سرڪاري تقريبون درازا شريف ۾ جاري آهن. سرمست جماعت پاران سڀ کان وڏي تقريب ”گهنڊ کول ديدار مين آيا مک ويکڻ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سجاده نشين خواجه عبدالحق فاروق کي سائي ڪپڙي سان دستار پارائي گهنڊ اوڙايو ويو جتي هزارين مريدن سندس ديدار ڪيو. عرس جون سرڪاري تقريبون  اڄ کان شروع ٿينديون، وڏو وزير مراد علي شاهه مزار تي گلن جي چادر چاڙهي تقريبن جو افتتاح ڪندو. سچل جي 203 هين عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهائڻ جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. ادبي ڪانفرنس جي صدارت سيڪريٽري ڪلچر خالد حسين چاچڙ ڪئي، ان کان علاوه منور مهيسر، مخمور بخاري  الطاف اثيم عبدالغني مهر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد فواد شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ادبي ڪانفرنس دوران اديبن   سچل سرمست  تي مقالا پڙھيا. ان کان اڳ سچل سرمست جي عرس تي سنڌ فڪري فورم ۽ ثقافت کاتي جي سهڪار سان، سچل  سرمست  يادگار مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾ سنڌ جي سر موڙ شاعرن سچل کي پنهنجي لفظن سان ڀيٽا پيش ڪئي، مشاعري جي صدارت ادل سومري ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان ڊاڪٽر مهر، خادم ڪوثر ٻرڙي، عزيز قاسماڻي، اعجاز چنه، عبدالغني مهر، امر اقبال حبدار جاگيراڻي ۽ صفيع الله  ڪئي. ان موقعي تي مشاعري ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته 203 هين عرس جي موقعي تي شاعرن  پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان سچل سرمست کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي، سچل پيار، محبت،  امن ۽ حق سچ  جو پيغام ڏئي ثابت ڪيو ته هو امن جا علمبردار آهن . هنن چيو ته سچل  مشاعرو جيڪو چئن سالن کانپوءِ بحال ٿيو ۽ ڪامياب مشاعرو ٿيو آھي، 13 رمضان جو ڏينهن هڪ يادگار ڏينهن بڻجي ويو آھي. مشاعري ۾ فڪري فورم جي دوستن پنهنجي روايت کي برقرار رکندي مهمانن جي دل کولي آجيان ڪئي. مشاعري ۾ سکر لاڙڪاڻو  گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي جا مشھور شاعر پڻ  شريڪ ٿيا، جڏھن ته سماع ھال ۾ راڳ رھاڻ جي محفل پڻ ٿي، جنهن ۾ سچل جي فقيرن سچل جا ڪلام ڳائي ڀيٽا پيش ڪري ويٺلن ۾ وجد طاري ڪري ڇڏيو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
moderate rain
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
33%
6.7m/s
59%
اربع
25 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون