تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

16هين قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جون تياريون مڪمل

- Advertisement -
16هين قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، تجويز ڪيل شيڊول موجب قومي اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر 29 فيبروري تي صبح 10 وڳي قسم کڻندا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي آفيسرن کانسواءِ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي به 29 فيبروري تي ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. تجويز ڪيل شيڊول موجب نوان چونڊيل قومي اسيمبلي جا ميمبر 29 فيبروري تي قسم کڻندا. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف نون چونڊيل ميمبرن کي قسم کڻائيندو، قسم کڻڻ بعد سمورا ميمبر رجسٽر تي صحيح به ڪندا. قومي اسيمبلي ۾ پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ پهرين مارچ تي جمع ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ ايوان جي نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ 2 مارچ تي ڳجهي ووٽنگ ذريعي ڪئي ويندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ ايندڙ مرحلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي. قائد ايوان جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 3 مارچ تي جمع ڪرايا ويندا ۽  4 مارچ تي نئين وزيراعظم جي چونڊ  ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  وزيراعظم 4 مارچ تي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو. مسلم ليگ نون جي نامزد اميدوار شهباز شريف کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ 169 ووٽن جي ضرورت آهي، هن وقت ن ليگ ۽ ان جي اتحادين کي 200 کان وڌيڪ ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. هن وقت قومي اسيمبلي جو ايوان 336 ميمبرن تي ٻڌل آهي، جنهن مان 266 ميمبر سڌي ريت چونڊ ذريعي چونڊيا ويندا آهن ۽ باقي ميمبر مخصوص سيٽن تي ايوان جو حصو بڻجندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون