- Advertisement -
سڌسماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته 190ملين پائونڊ ڪيس اعليٰ سطحي ڪرپشن ڪيس آهي، شهزاد اڪبر 190 ملين پائونڊ جا پيسا آفيشل ڊاڪيومينٽ ۾ ظاهر ڪرايا، بند لفافو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آندو ويو، زال مڙس ٽرسٽ ٺاهي ڪروڙين رپيا ورتا، 5، 5 قيراط هيري جون منڊيون گهريون ويون.
190ملين پائونڊ ميگاڪرپشن بابت ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته 190ملين پائونڊ جي فيصلي کي عالمي ميڊيا ڪرپشن جي هيڊلائن ڏني، هن ڪيس جا پڪا ثبوت موجود هئا، زال مڙس رشوت ۾ زمين ورتي.
سندس چوڻ هو ته زال مڙس ٽرسٽ ٺاهي، منڊيون ورتيون، ان کان وڏي ڪرپشن جو ڪو مثال ناهي، بند لفافو ڪابينا اجلاس ۾ آندو ويو.
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ به چيو ته پيسا هڪ هٿ سان ورتا ٻئي هٿ سان ڏئي ڇڏيا، حڪومت جي پيسن جو غلط استعمال ڪيو ويو، عوام جا اربين رپيا لٽيا ويا.
هن چيو ته ملڪ رياض ۽ سندس پٽ خلاف ڪرپشن ۽ زمينن تي قبضن جا ڪيترائي ڪيس هلي رهيا آهن، نيب واضح ڪيو آهي ته دبئي ۾ پراجيڪٽ ۾ جيڪي به پيسا لڳا اهي مني لانڊرنگ جي زمري ۾ ايندا.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته 190ملين پائونڊ جو ڪيس اوپن اينڊ شٽ ڪيس هو، ملڪ رياض ۽ سندس پٽ خلاف ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت موجود آهن، ملڪ رياض کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، ملڪ رياض عدالتي روپوش آهي.
عطا تارڙ چيو ته نيب ملڪ رياض کي واپس آڻيندي، برطانيه جي حڪومت ملڪ رياض ۽ سندس پٽ جا ويزا رد ڪيا، جيڪي پيسا ضبط ڪيا ويا هئا اهي پاڪستان حڪومت جي ملڪيت هئا.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاتارڙ چيو ته تحريڪ انصاف هاڻي هن معاملي کي سيرت سان جوڙي رهي آهي، مذهب کي سياست کان ٻاهر رکو، پنهنجي ڪرپشن ۽ رشوت جو جواب ڏيو، مذهب پٺيان لڪي پنهنجي ڪريل ڏوهه کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪريو.- Advertisement -
