- Advertisement -
اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني سزا کان بچي نه سگهندو.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ، باني خلاف سازشن ۾ مصروف آهن ۽ پاڻ کيس جيل ۾ رکڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته پروپئگنڊا ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ باني سان بيڪ ڊور ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ چيو ويو ته باني جي گهرواري ڳالهين واري ڪميٽي کي ليڊ پئي ڪري.
فيصل واوڊا چيو ته 190 ملين پائونڊ بابت پي ٽي آءِ باني کي چيو هو ته اِهو نه ڪيو، باني صحي به ڪئي هئي، اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ڪرايو، هاڻي ڪير نه مڃيندو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ داداگيري ۽ ڌرڻي هڻي ڏٺا، ڪو فائدو نه ٿيو، پي ٽي آءِ باني کي بار بار چيو هو ته ساٿي اوهان کي نه رڳو قيد پر مارائڻ چاهين ٿا، پرڏيهي دٻاءُ جي جيڪا پروپگنڊا ڪئي پئي وڃي اها رڪجي وئي.
فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ باني کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ضرور ملندي، تحريڪ انصاف کي 20 جنوري تي مايوسي کانسواءِ ڪجهه نه ملندو، اهو واضح آهي نه ٻاهريون دٻاءُ آهي نه وري بيڪ ڊور ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته مقبول هجڻ جو مطلب قانون کان مٿانهون هجڻ نه آهي، ڳالهين جو سڀ کان وڏو حامي آهي، ڳالهيون جمهوريت جي سونهن آهن.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڳالهيون ڪري فارم 47 واري حڪومت کي قانوني جواز ڏنو پيو وڃي، پي ٽي آءِ در در وڃي ڪشڪول کڻي خيرات گهري رهي آهي، آرمي چيف جي ڪري پاڪستان کي ڪاميابي ملي رهي آهي، ملڪ لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بهتري اچڻي آهي.- Advertisement -
