تازه ترين

2024ع لاءِ طب جو نوبل انعام ٻن آمريڪي سائنسدانن کي ڏنو ويو

- Advertisement -
2024ع لاءِ طب جو نوبل انعام ٻن آمريڪي سائنسدانن کي ڏنو ويو آهي. نوبل انعام ڪميٽيءَ پاران 2024ع لاءِ مختلف شعبن ۾ نوبل انعام ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. نوبل پرائز ڪميٽيءَ موجب 2024ع لاءِ طب جو نوبل انعام آمريڪي محققن وڪٽر ايمبروز ۽ گيري رووڪــُن کي ڏنو ويو آهي. ٻنهي سائنسدانن اهو اعزاز مائڪرو اين آر ايَ ۽ ان جي پوسٽ ٽرانسڪريپشنل جين ريگيوليشن بابت ڪردار جي دريافت تي ڏنو ويو آهي. انعام حاصل ڪندڙ پروفيسر وڪٽر ايمبروز  هڪ بائيولاجسٽ آهي جيڪو آمريڪي يونيورسٽي آف ميساچيوسيٽس ميڊيڪل اسڪول سان تعلق رکي ٿو ۽ هو هارورڊ ميڊيڪل اسڪول ۾ جينيات جي پروفيسر طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. تحقيق موجب اسان جي ڪروموسومز ۾ موجود ڄاڻ جي ڀيٽ جسم جي سمورن جيو گهرڙن لاءِ طبعي هدايت سان ڪري سگهجي ٿي، هر جيو گهرڙو  هڪ جهڙو ڪروموسومز رکي ٿو، ان ڪري هي جيو گهرڙيَ ۾ هڪ ئي جهڙا جينز ۽ بلڪل هڪجهڙيون هدايتون هونديون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون