آمريڪي سي آءِ اي جي سربراهه اسرائيل ۽ آمريڪا کي ايران جي فوجي صلاحيتن کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ جي صلاح ڏني

- Advertisement -
آمريڪي سي آءِ اي جي سربراهه اسرائيل ۽ آمريڪا کي ايران جي فوجي صلاحيتن کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ جي صلاح ڏني آهي. سي آءِ ايَ چيف وليم برنس جو چوڻ آهي ته آمريڪي انٽيليجنس جو خيال آهي ته ايران ۽ اسرائيل مڪمل جنگ نٿا چاهن پر خطي ۾ ڇڪتاڻ جو خدشو حقيقي آهي. هن چيو ته وچ اوڀر اهڙو هنڌ آهي جتي هر وقت مختلف شيون ٿينديون رهنديون آهن. آمريڪي سي آءِ ايَ جي سربراهه چيو ته ايراني حملي ايران جي فوجي صلاحيتن کي وائکو ڪيو آهي، اسرائيل ۽ آمريڪا کي ايراني فوجي طاقت کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل وڏي احتياط سان ايران جي حملي جو جواب ڏيڻ جو سوچي رهيو آهي پر ان باوجود اسرائيل طرفان غلط فيصلي جو خدشو آهي. سي آءِ ايَ چيف چيو ته غزا ڳالهين ۾ شامل اڳواڻن کي سمجهڻو پوندو ته گهڻو ٿيو، ڊگهي مدي واري استحڪام کي نظر ۾ رکندي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
14 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
33%
3m/s
5%
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون