تازه ترين

22 سيپٽمبر 2024 تي سنڌ جي پنجن شهرن ۾ هڪ ئي وقت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ورتي ويندي:ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نازلي حسين

- Advertisement -
ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نازلي حسين چيو آهي ته 22 سيپٽمبر 2024 تي سنڌ جي پنجن شهرن ۾ هڪ ئي وقت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ورتي ويندي. ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نازلي حسين، رجسٽرار ڊاڪٽر عشر آفاق ۽ ڊائو ايگزيم ڪنٽرولر ڊاڪٽر فواد شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايم ڪيٽ 2024 ۾ سنڌ صوبي مان 38 هزار 700 شاگرد حصو وٺي رهيا آهن، جن مان 6 هزار 846 شاگرد ڊائو يونيورسٽي جي اوجها ڪيمپس ۾ امتحان ڏيندا، باقي 6 هزار شاگردن کان اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ امتحان ورتو ويندو. هن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ 22 سيپٽمبر تي سڄي پاڪستان ۾ منعقد ٿي رهي آهي،  سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي ذميواري ڊائو يونيورسٽي کي ڏني وئي آهي،  آچر تي سنڌ صوبي جي پنجن شهرن ۾ هڪ ئي وقت امتحان منعقد ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڄامشوري ۾ 12 هزار 6 سئو 59، لاڙڪاڻي ۾ 4 هزار  800، شهيد بينظير آباد ۾  2 هزار 800 ۽ سکر ۾ 5 هزار 500 اميدوار امتحان ڏيندا. ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چيو ته امتحاني سينٽرن تي حفاظتي اپائن کي موثر بڻائڻ لاءِ انتظام سخت ڪيا ويا آهن، امتحاني مرڪزن جي نگراني ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائن سان ڪئي ويندي. هن چيو ته امتحان دوران ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن،  رينجرز ۽ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پڻ موجود هوندا. سندس چوڻ هو ته ايم ڊي ڪيٽ لاءِ امتحاني مرڪزن تي انٽري جو وقت صبح 7 وڳي کان  9 وڳي تائين هوندو،  ايم ڊي ڪيٽ  ٽيسٽ جو وقت ساڍا 3 ڪلاڪ هوندو، ڪنهن به اميدوار کي پيپر جو وقت پورو ٿيڻ کان اڳ پنهنجي سيٽ ڇڏڻ جي اجازت نه هوندي. ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نازلي حسين چيو ته ڊائو يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي  ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن،  امتحان دوران اميدوارن کي سموريون هدايتون به ويب سائيٽ تي جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته پيپر، پين ۽ پاڻي جون بوتلون يونيورسٽي انتظاميا طرفان فراهم ڪيون وينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
32 %
4.7kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون