24نومبر تي ٻيهر عوام کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: شرجيل انعام ميمڻ

spot_img
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 24نومبر تي ٻيهر عوام کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اوهان هٿيارن جي زور تي حڪومت کي يرغمال بڻائي نٿا سگهو، ڪجهه ماڻهو خوشفهمي ۾ آهن ته ڊونلڊ ٽرمپ پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائيندو. اسرا يونيورسٽي حيدرآباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسرا يونيورسٽي ڪيترئي عرصي کان بهترين ڪم ڪري رهي آهي، هتي جيڪي شاگردن پاران سائنسي شيون ٺاهي رکيون ويون هيون، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته شاگرد محنت ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪيترائي چيلينجز آهن، نوجوان نسل نوان نوان آئيڊياز کڻي کي ڪري اڳتي اچي رهيو آهي، ملڪ ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪجهه ڏينهن ۾ خوشخبري ڏيندو، جنهن سان نوجوان سٺو روزگار ڪري سگهندا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نوجوان نسل جي حوصلا افزائي ضرورت بڻجي چڪي آهي، دنيا نوجوانن جي آئيڊياز سان مسئلا حل ڪري رهي آهي، نوجوان نسل سوشل ميڊيا کي سٺن ڪمن لاءِ استعمال ڪري، نوجوان نسل سوشل ميڊيا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ گار گند لاءِ استعمال نه ڪري. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي ونڊ ڪوريڊور آهي، ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ سنڌ حڪومت تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، ملڪ ۾ پهرين پنڪ بس سروس سنڌ سرڪار شرع ڪئي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ سرڪار پيپلز بس سروس کي گهٽ ڀاڙي تي هلائي رهي آهي، بسن اندر به هڪ هڪ شيءِ مانيٽرنگ ٿي رهي آهي ، ڪوشش آهي ته سنڌ جي هر شهر ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جلد ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ ييلو لائن بي آر ٽي جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، حيدرآباد شهر کي به بي آر ٽي ڏني وڃي ته جيئن هتان جو عوام به فائدو وٺي سگهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 24نومبر تي ٻيهر عوام کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اوهان هٿيارن جي زور تي حڪومت کي يرغمال بڻائي نٿا سگهو، ڪجهه ماڻهو خوشفهمي ۾ آهن ته ڊونلڊ ٽرمپ پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائيندو………

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
17%
0.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون