تازه ترين

25 ڏينهن جيل ۾ رهڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين جون رڙيون نڪري ويون: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پيپلزپارٽي بجلي جي بلن وارو مسئلو حل ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ جاري منصوبا نه روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته گڊ ٽو سي يو ۽ لاڏلو ازم جو مثال نه ٿو ملي، 25 ڏينهن جيل ۾ رهڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين جون رڙيون نڪري ويون آهن، اليڪشن ڪميشن سمورا ترقياتي ڪم بند ڪري ڇڏيا آهن، چونڊن جو اعلان ئي ناهي ٿيو ته ترقياتي ڪم بند ڪيئن ٿا ڪري سگهجن، اليڪشن ڪميسن پنهنجو فيصلو واپس وٺي.

ڪراچي ۾ ناصر شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته چرغي، کير ۽ ٻين شين جي فرمائشن جي لسٽ اچي وئي آهي، جيلن ۾ ماڻهو ويهن ويهن ورهين کان سڙي رهيا آهن پر کين سهولتون نه ٿيون ملن.

هن چيو ته لاڏلي کي 24 ڏينهن اندر ڪيس ۾ رليف ڏنو ويو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ورهائڻ واري سياست شروع ڪئي ان کي رليف ڏنو ويو، گڊ ٽو سي يو ۽ لاڏلو ازم جو مثال نه ٿو ملي.

شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان جي انصاف جي نظام ۾ ٻٽو معيار ڇو؟ اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، عدالتن کي جيلن ۾ ٻين قيدين کي به سهولتون ڏنيون وڃي.

پ پ اڳواڻ چيو ته بجلي جا بل عوام لاءِ وڏو عذاب آهن، بلن هر طبقي ۽ هر فرد کي متاثر ڪيو، ٽيرف وڌائڻ سان گڏ غلط بلنگ به ڪئي پئي وڃي، چار سئو يونٽ استعمال ڪندڙن کي 800 يونٽن جو بل موڪليو پيو وڃي.

اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته حڪومت غلط بلنگ تي فوري ايڪشن وٺي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 20-20 ڪلاڪ بجلي هوندي ئي ناهي، بجلي جي بلن واري معاملن کي سجنيدگيءَ سان حل ڪيو وڃي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم هن وقت عوام کان رليف کسي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن سمورا ترقياتي ڪم بند ڪري ڇڏيا آهن، چونڊن جو اعلان ئي ناهي ٿيو ته ترقياتي ڪم بند ڪيئن ٿا ڪري سگهجن، اليڪشن ڪميسن پنهنجو فيصلو واپس وٺي.

شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ جي سنڌ سرڪار 2 لک خاندانن کي سولر پليٽون ڏنيون، 10 سيڪڙو رقم گهر مالڪ ۽ 90 سيڪڙو حڪومت ادا پئي ڪري، اهو پ پ جو ويزن آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
35 %
3.8kmh
4 %
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون