تازه ترين

26هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ لاءِ ٻن سينيئر ججن جو چيف جسٽس کي خط

- Advertisement -
26هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ بينچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته 31 آڪٽوبر جي ڪميٽي ميٽنگ ۾ 26 هين ترميم جو ڪيس فل ڪورٽ ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ڪيس 4 نومبر تي فل ڪورٽ ٻڌندي، ڪميٽي جي فيصلي باوجود ڪابه ڪاز لسٽ جاري نه ٿي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن هفتي 26 هين ترميم خلاف درخواستون فل ڪورٽ اڳيان لڳايون وڃن. ٻنهي ججن 31 آڪٽوبر جا ميٽنگ منٽس رجسٽرار کي ويب سائٽ تي جاري ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته 2 رڪني ججز ڪميٽي جو فيصلو اڃا به برقرار آهي، ججز ڪميٽي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تي عمل درآمد ڪندي ڪاز لسٽ جاري ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون