تازه ترين

بلڙي شاهه ڪري: نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر

- Advertisement -
بلڙي شاهه ڪريم جي شهباز ڪالوني واسي نوجوان غمشاد رند جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي، وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. شهباز ڪالوني ۾ گهرن ڀرسان نوجوان غمشاد رند جو وڻ ۾ ڦاهو لڳل ٽنگيل لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ايمبولينس ذريعي رورل هيلٿ سينٽر بلڙي شاهه ڪريم منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊو محمد خان جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو. مبينا طور قتل ٿي ويل نوجوان جي ڀاءُ طالب رند جو چوڻ آهي ته هنن جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، ڀاءُ ڳوٺ کان بلڙي شاهه ڪريم شهر ترسيل هو، 3 مهينا اڳ سندس شادي ٿي هئي، هن شڪ ظاهر ڪندي چيو ته ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون