- Advertisement -
26هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ بابت جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه ملڪ دلچسپ رمارڪس ڏنا آهن.
موسمياتي تبديلي اٿارٽي قائم ڪرڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه جي ايڊيشنل اٽارني جنرل سان دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.
جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته موسميات تبديلي جي چيئرمين جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اڃا نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو.
جسٽس منصور سوال ڪيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اٽارني جنرل سڄي رات مصروف رهيو، ان ڪري ناهي آيو.
جسٽس منصور علي شاهه مـُـرڪندي چيو ته هاڻي ته سموريون مصروفيتون ختم ٿي چڪيون هونديون، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي اٽارني جنرل پيش ٿئي.
مسابقتي ڪميشن بابت هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻيءَ دوران جسٽس منصور علي شاهه آئيني بئنچ جو ذڪر ڪيو.
جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته ڇا هي ڪيس هاڻي آئيني بئنچ ڏانهن ويندو يا هو ٻـُـڌي سگهن ٿا؟ هاڻي لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ ۾ روزانو اهو سوال اٿندو.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٽن هفتن تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي پئي وڃي، تيستائين صورتحال واضح ٿي ويندي، هونئن به کين پاڻ کي سمجهڻ ۾ وقت لڳندو.
جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏنو ته نئين ترميم پڙهو، آرٽيڪل 199 وارو ڪيس هتي نه ٿو ٻــُڌي سگهجي- Advertisement -
