- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تاريخ جو اهو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارتي فوج ڪشميري عوام جي مرضي خلاف وادي تي قبضو ڪيو.
ڪشمير جي ڪاري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 27 آڪٽوبر جو ڏينهن کين ياد ڏياري ٿو ته ظلم عارضي هوندو آهي پر آزادي جي جدوجهد دائمي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪشميري عوام ڏهاڪن کان بي مثال قربانيون ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هو پنهنجي حق خوداراديت تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندو.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪشميري عوام جي حوصلي، صبر ۽ استقامت سڄي دنيا جي مظلومن لاءِ هڪ مثال آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جو عوام اڄ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ٻڌي جو اظهار ڪري هو، هو هر عالمي فورم تي ڪشمير جي حق ۾ آواز بلند ڪندا رهندا.
هن چيو ته هڪ ڏنهن گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام کي ان جو حق ضرور ملندو.- Advertisement -
