پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 2ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ قوم لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه ۽ چئلينج آهي، جٽادار ترقي جو بنيادي معيار تعليم جي شرح آهي، اهڙن چئلينج جو مقابلو رڳو عوامي حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي.
تعليم جا عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ آيل قدرتي آفتن به تعليم جي شعبي کي سخت متاثر ڪيو.
هن چيو ته گذريل سال رڪارڊ برساتن سبب رڳو سنڌ ۾ 50 سيڪڙو اسڪولن جون عمارتون ٻوڏ سبب متاثر ٿيون.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تعليم شروع کان ئي پ پ جي پهرين ترجيح رهي آهي، قائد عوام جي دور ۾ تعليمي سڌارا متعارف ڪرايا ويا، ڀــُـٽي جي ئي دور ۾ ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
پ پ چيئرمين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون، شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتن کي گهٽ عرصو هلڻ ڏنو ويو، پر ان باوجود هن تعليم جي بجيٽ ۾ اضافو ڪري اعليٰ تعليمي ادارا قائم ڪيا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾وفاقي حڪومت هجي يا سنڌ سرڪار عوامي حڪومت تعليم جي شرح ۾ اضافي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، هو يقيني بڻائيندا ته ٻارن کي اعليٰ معيار جي تعليم نصيب ٿئي.
