وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته 3 هزار ميگا واٽ جو حدف حاصل ڪري ورتو آهي، اميد ته جلد بجلي سستي ٿيندي، ڪرم ضلعي ۾ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، اميد ته ڪـُـرم ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي امن يقيني بڻائيندا، پي آءِ اي جون يورپ لاءِ اڏاومون شروع ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته تعليم جي شعبي ۾ صوبن جو اهم ڪردار آهي، وفاق کي صوبن سان گڏجي تعليمي ميدان ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته ٽاسڪ فورس 3 هزار ميگا واٽ جو حدف حاصل ڪري ورتو آهي، وڌيڪ وڏين ڪمپنين سان ڪيپيسٽي چارجز جي معاملي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، اميد ته جلد بجلي سستي ٿيندي.
وزيراعظم، سرڪاري پاور جنريشن ڪمپنين کي ڊالرن ۾ ادائيگي تي حيرت جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته پي آءِ اي جون يورپ لاءِ اڏاومون شروع ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت دوران هڪ وزير جي تقرير جا خراب نتيجا نڪتا، هاڻي پابنديون ختم ٿيون آهن، اميد ته جلد لنڊن لاءِ اڏامن جي شروعات ٿيندي.
شهبازشريف چيو ته ڪرم ضلعي ۾ حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، امن معاهدي بعد مورچا ختم ڪيا پيا وڃن، خوراڪ ۽ دوائن جي سپلاءِ به پهچائي پئي وڃي، اميد ته سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي امن يقيني بڻائيندا.
وزيراعظم چيو ته دهشتگردن خلاف ڏينهن رات ڪارروايون ٿي رهيون آهن، اميد ته انهن جو جلد خاتمو ٿي ويندو.
شهبازشريف چيو ته پنجگور ۾ پاڪ ايران سرحد تي نئين ڪراسنگ جي شروعات ڪئي آهي جنهن سان قانون واپار کي هٿي ۽ سملگنگ روڪڻ ۾ مدد ملندي.