سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر 385 نابالغ قيدين کي قانوني مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪندي قانون واري وزارت کي جيلن ۾ قيد ٻارڙن جي ڀرپور مدد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته قيدي ٻارڙن کي بهترين انسان بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، جيڪڏهن ٻارڙن کي ائين ئي جيلن ۾ رکيو ويو ته سندن شخصيت تباهه ٿي ويندي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر 385 نابالغ قيدين کي قانوني مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نگران وڏي وزير، قانون واري وزارت کي جيلن ۾ قيد 385 ٻارڙن جي ليگل مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي جيلن ۾ ٻارڙا قيد آهن، نابالغ قيدين ۾ 168 جي عمر 17 سال، 106 جي عمر 16 سال ۽ هڪ سئو جي 18 سال، 8 قيدين جي 15 سال، ٻن جي 14 ۽ هڪ جي 13 سال عمر آهي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته نابالغ قيدين جا ڪيس هلائڻ لاءِ قانون واري وزارت سندن قانوني مدد ڪري.
سندس چوڻ هو ته قيدي ٻارڙن کي بهترين انسان بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، جيڪڏهن ٻارڙن کي ائين ئي جيلن ۾ رکيو ويو ته سندن شخصيت تباهه ٿي ويندي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر قانون واري وزارت کي هدايت ڪندي چيو ته نابالغ قيدين جي ڀرپور قانوني مدد ڪئي وڃي.