ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ طوفاني برساتن تباھي مچائي ڇڏي .
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب تامل ناڊو جي مختلف علائقن ۾ شديد برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آھن.
ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٻوڏ جھڙي صورتحال ٿي وئي آھي، انتظاميا حالتن کي نظر ۾ رکندي اسڪولن ۾ موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
رپورٽس موجب اتر اوڀر کان ايندڙ مون سون سسٽم ڪيترن ئي ضلعن ۾ تيز برسات وسائي، ڪوٽا گيري ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽريفڪ رواني معطل ٿي وئي جڏھن تھ مسلسل برسات سبب نيلگيري مائونٽين ريلوي وائن تي تقريبن 5 ھنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ ٿي.
موسميات کاتي چنائي سميت تامل ناڊو رياست سان گڏ ڪيرالا ۾ بھ ايندڙ ٻن ڏينھن تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آھي.