غزا ۾ پوٽَي ۽ پوٽِي جي تدفين وقت پيرسن ڏاڏي جي زارون قطارون پار ڪڍي روئڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

- Advertisement -
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري دوران پوٽَي ۽ پوٽِي جي شهادت تي پار ڪڍي روئڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ڏسندڙ هر شخص جي اکين جا بند ٽٽي پون ٿا. يهودي فوج جي بمباري ۾ شهيد پوٽَي ۽ پوٽِي جي تدفين دوران پيرسن ڏاڏو پار ڪڍي زارون قطارون روئيندي مخاطب ٿيندي چيو ته اي منهنجا ٻچڙا توهان جـِي رسول الله صلي الله عليه واله وسلم سان جڏهن ملاقات  ٿئي ته ان کي اهو ضرور ٻڌائجو ته غزا جي فلسطيني مسلمانن کي جڏهن ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو پئي ويو ته اوهان جي امت خاموش تماشائي  بڻجي ڏسندي رهي. پيرسن جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن جي هيانءُ ڏاريندڙ جملن  سان پٿر دل ماڻهن جون به اکيون اشڪبار ٿي وڃن ٿيون. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان غزا ۾ اسرائيلي  وحشياڻي بمباري ۾ هن وقت تائين 11 هزار 78  فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته شهيد ٻارن جو انگ 4 هزار 506 ٿي چڪو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
30%
2.5m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون