غزا ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ تيزي وئي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوجين حملن ۾ 260 شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 260 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 11 هزار 78 ٿي ويو آهي.
غزا ۾ اسڪول تي اسرائيلي فوج جي بمباري سبب 50 فلسطيني شهيد ٿي ويا، يهودي فوج جي حملي ۾ حماس سربراهه اسماعيل هنيه جي پوٽي شهيد ٿي وئي.
اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ 4 هزار 506 ٻارڙا ۽ 3 هزار 27 عورتون شامل آهن.
هلال احمد موجب القدس اسپتال تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شهيد ۽ 20 فلسطيني زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي حملن ۾ زخمي فلسطينين جو انگ وڌي 27 هزار 490 تائين پهچي ويو آهي.
اتر غزا مان هزارين فلسطينين جي ڏکڻ ڏانهن لڏ پلاڻ جو سلسلو به جاري آهي.
عملدارن جو چوڻ آهي ته غزا جي ڪجه اسپتالن کي اسرائيلي ٽينڪن پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، يهودي فوج جي حملن سبب 50 سيڪڙو کان وڌيڪ هائوسنگ يونٽ تباهه ٿي ويا آهن.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج غزا ۾ ٻن ايمبولينس ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ورتو .
هوڏانهن فلسطيني عوام کي مسجد اقصيٰ ۾ لاڳيتو پنجون جمعون نماز ادا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
اسرائيل ۽ حماس ۾ قيدين جي مٽاسٽا بابت ٺاهه ٿيو آهي جنهن ۾ فلسطيني عورتن ۽ ٻارڙن جي بدلي حماس طرفان 100 يرغمالي عورتن ۽ ٻارڙن کي آزاد ڪيو ويندو…….